اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ جو فلسطين جو مسئلو ۽ فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ??ي شهرين جي نسل ڪشيءَ تي واضح موقف آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي، اسان جو نگران پرڏيهي وزير هن وقت بيجنگ ضر??رت هجڻ جي باوجود او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڳ ۾ ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سميت بيجنگ ۾ موجود عالمي اڳواڻن آڏو اٿاري چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان جو مستقل ??مائندو به ان معاملي تي متحرڪ انداز ۾ آواز اٿاري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو اهو موقف پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ خبرن ۾ اجاگر به ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا