اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ??يڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نق??ب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پ??ڏي??ي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات، موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین