اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ آءِ جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، آءِ ٽي جي روانگي واپار جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ٽي جو موجوده روانگي واپار اسان جي حقيقي صلاحيت سان هڪجهڙائي نه ٿو رکي، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ (اپٽيڪا) جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، آءِ ي وارو وفاقي وزير سيد ا??ين الحق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شيزه فاطمه خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اپٽيڪا جي پهريون ڀيرو ميزباني پا??ست??ن جي لاءِ اعزاز آهي، پا??ست??ن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پا??ست??ني ڪمپنين آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي ۽ ان شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي اهي، ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن ۾ مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته پا??ست??ن جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ هي اسان جي لاءِ هڪ چئلينج ۽ موقعو به آهي، اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻو پوندو، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو جڏهن پنجاب ۾ وڏو وزير هو تهص حت، تعليم ۽ روينيو جي وصولي جهڙن مختلف شعبن ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا، هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، ان کانسواءِ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ پنجاب ۾ شاگردن ۽ استادن کي ڪتابچا پڻ فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي پر اسا?? جو روانگي واپار رڳو 2.5 ارب ڊالر ساليانو آهي جيڪو اسان جي حقيقي صلاحيتن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، اسان آءِ ٽي جو روانگي واپار اربين ڊالر وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته گذريل 8 مهينن دوران هن آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان پنهنجو اهو روانگي واپار ساليانو 5 ارب ڊالر تائين فوري وٺي وڃي سگهون ٿا، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچي ان سلسلي ۾ منصوبو ٺاهڻ گهرجي ته جيئن اسان ڪهڙي طرح پنهنجا هدف آساني سان حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هي فورم آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ اسانجي ڪوششن ۾ سگهه جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم پا??ست??ن ۾ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي اپٽيڪا جي چيئر??ين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پا??ست??ن آءِ ٽي جي شعبي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد ا??ين الحق چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جو ڪردار اهم آهي، پا??ست??ن علم تي ٻڌل معيشت جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا اهن، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي اسا?? جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ آءِ ٽي انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن کي ڊيجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ اسا?? جو عزم آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙ ۽ براڊ بينڊ سان ڳنڍيل صارفين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ ف??ر جي سان ڪم نه هلندو، ايندڙ سال جون ۾ فائيو جي سروس شروع ڪئي ويندي. تقريب کي پا??ست??ن سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنيد، اپٽيڪا جي چيئر??ين ستان سنگهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پا??ست??ن 7 کان 11 ڊسمبر تائين 21 هين اپٽيڪا ايوارڊ 2022ع جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پا??ست??ن ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيا آهن جنه?? جو انتظام انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت جي تعاون سان ڪيو ويو آهي. هن ايونٽ ۾ ملائيشيا، آسٽريليا ۽ سنگپاور سميت مختلف ملڪن مان 150 غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪورونا کانپوءِ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيو آهي جيڪي عالمي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان ۾ آءِ جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، آءِ ٽي جي روانگي واپار جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز