صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان ??تاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان ??اڻي سان ??يدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 88 سيڪڙو متاثرين ۾ 25 هزار رپيا جي روڪ رقم ورهائي وئي آ??ي، گهرن جي نقصانن تي معاوضي جي ادائيگي جو ڪم به ??لد شروع ڪيو ويندو، علائقي ۾ بيٺل پاڻي فصل پوکيءَ جي لاءِ به ??ستعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. بلوچستان جي ٻوڏ کان ??تاثر علائقي صحبت پور جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ماڊل اسڪول جي پي سي ون ٺاهي وئي آ??ي، اسڪول کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اهو اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل متاثرين کان ??ه ورتا ويا، 25 هزار رپين جي روڪ رقم جي لاءِ 3 هزار 900 کان ??ڌيڪ خاندانن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آ??ي، اهو عمل ٿورو سست آهي جنهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذميوارن کي به هتي گهرايو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کان ??تاثر 5 ضلعن ۾ مشينري ڪم ڪري رهي آ??ي، وبائي مرضن کي روڪڻ جي لاءِ اسپري ڪئي وئي آ??ي، 11 هزار 126 خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان ??راهم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فلڊ ريليف جو ڪم 88 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ جي حوالي سان ??عاوضي ج?? ورڇ جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، ان جي لاءِ انگ اکر هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيا ويندا. وزيراعظم ان ??وقعي تي آبادگارن کي ٻج جي فراهمي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ته ان جي لاءِ 16 ارب رپين جو پلان ??اهي موڪليو ويو آهي، ان حوالي سان 25 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اجلاس رکيو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته متاثرين ۾ هڪ لک کان ??ڌيڪ خيما ورهايا ويا آهن. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صحبت پور جو علائقو بلوچستان ۾ ٻوڏ کان بري طرح متاثر ٿيو آهي، هتي هر طرف پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿي آ??ي پر اهو اڃا تائين موجود آهي. هن چيو ته متاثرين ۾ 25 هزار رپين ج?? ورڇ جو ڪم 86 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، 5 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، اهڙي طرح انهن علائقن جي متاثرين کان 300 يونٽ تائين جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل انهن کان ??ه پيا ورتا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻجن ج?? ورڇ جو ڪم صوبن سان گڏجي شروع ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي ڳڻتي آ??ي، ڇو ته ان سان بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون جنهن سان ??ڏي پئماني تي نقصان جو خطرو آهي، ان ??اڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ انتظام ڪيو وڃي، ان تي ماهر ويهي ۽ طئي ڪن جيڪڏهن اهڙي طرح پاڻي بيٺل رهيو ته ان سان تمام وڏو نقصان ??يندو. اين ڊي ايم اي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان رابطو ڪري ان ??اڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪري. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 5 فلٽريشن پلانٽ به پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايا ويا آهن. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي متاثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پٽ فيڊر ڪينال جي مڪمل طور تي مرمت ڪئي وئي آ??ي، 3 هزار ايڪوا ٽيبليٽ ۽ 70 هزار مهاريُون ورهايون ويون. مليريا جي شرح 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آ??ي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي ريليف ۽ خيمن ج?? ورڇ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم کي ڪمشنر ٻڌايو ته پٽ فيڊر ڪينال سان گڏ پاڻي ڪڍڻ جو نظام به موجود آهي، جنهن جي ذريعي اهو بيٺل پاڻي ڪڍيو وڃي، جتي به گهارا پيا هئا، انهن کي بند ڪيو وڃي، ماڊل اسڪول جي جڳهه تان ??اڻي ڪڍيو ويو آهي. وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته ان اسڪول جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ان ??وقعي تي وزيراعظم سان بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ بي اين پي جو اڳواڻ اختر مينگل به گڏ هئا.
ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ