اسلام آباد – 03 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پ??هنجي مبارڪباد واري پ??غام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده محمد بن ??يد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آ??ي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عز?? ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena