اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ??ورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ??ورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ??ورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ??ورٽ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظم اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پ??رٽ?? کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ??ورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿ??ي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جا??ي ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آئين جي خلاف قرار ڏيئي ڪالعدم قرار، 9 اپريل تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2