اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاشي جي حوالي سان سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذ??يرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين ک?? آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاشي جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پا??ي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي جي نظام کي وسيع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذ??يرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پا??ي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذائي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذ??يرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين ک?? آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاح??ار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذ??يعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران آبپاشي جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج