اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي ر??ي آهي، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌار?? جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ڪارو??ار?? ادارن کي بهتر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات جو متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏن شعبن ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل طرفان سڌار?? جي لاءِ 14 ترجيحي شعب?? جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙپڪاري جي تناسب سان موجوده 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 شعبن ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ تعميرات، مالياتي شعبو ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، زراعت، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي ر??ي آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌار?? جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري ملڪيتي ڪارو??ار?? ادارن کي بهتر بڻائين، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات جو متبادل ڳولين.
حڪومت گئس ۽ معدنيات تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس