اسلام آباد – 22 نو??بر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين صادق سنجراڻي ناليواري اديبه ۽ شاعره فهميده رياض جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته فهميده رياض جون خدمتون نه رڳو ادب جي شعبي ۾ تحسين جوڳيون آهن پر هو عورتن جي حقن ۽ جمهوريت جي استحڪام جي هڪ موثر آواز طور ياد رکي ويندي. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته سندس لاڏاڻي سان ملڪ هڪ ڏاهي ۽ ذهين اديبه کان محروم ٿي ويو آهي ۽ سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرڻ آسان نه هوندو. سينيٽ چ??ئرمين فهميده رياض مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ الله تعاليٰ کان دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:23
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔