تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اع??ان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اع??ان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرا??يل?? وزيراعظم ب??نج??ن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌايو ته اسرائيل بابت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اه?? واشنگٽن طرفان اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اع??ان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ته اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪرا??نگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪرا??نگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری