لنڊن -26 اپريل (اي پي پي) اسان جا موبائيل فون ٽوائليٽ ۾ لڳل شينڪ کان وڌيڪ خراب ۽ جراثيمن سان آلوده ٿي سگهن ٿا، پر ان جي ڄاڻ نه هئڻ سبب اسان نه رڳو کاڌو کائيندا آهيون ۽ ف??ن جو استعمال ڪندا آهيون ۽ اها ئي فون ٻارن ??ي کيڏڻ لاءِ به ڏئي ڇڏيندا آهيون. موبائيل ف??ن جي سطح خاص طور تي ٽچ اسڪرين تي موجود نه ايندڙ بيڪٽريا ۽ جراثيمن کي مارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو الڪوهل وارا وائپس استعمال ڪرڻ ضروري آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب اسان روزانو ڪيترائي ڀيرا فون کي هٿن سان ڇهندا آهيون ۽ ان کي پنهنجي چهري سان پڻ لڳائيندا آهيون ۽ اڪثر ماڻهو ٽوائليٽ ۾ وڃڻ بعد ۽ کاڌو پچائڻ ک??ن اڳ يا بعد، گهر جي صفائي سٿرائي بعد باقائدگي سان هٿ ڌوئيندا آهن، پر تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي ته موبائيل فون استعمال ڪرڻ بعد به هٿن کي ڌوتو وڃي. موبائيل فون تي بائيولاجيڪل ڪولونائيزيشن جي حوالي سا?? ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي، ته ڪيترن ئي قسمن جي بيڪٽريا مان موبائيل ف??ن جي ڇهڻ سان ماڻهو مت??ثر ٿي سگهن ٿا،جيڪي انسانن ۾ بيماري جو سبب به بڻجي سگهن ٿا. تحقيق م??ن اها به خبر پئي آهي، ته فون تي موجود ڪيترن ئي پيٿوجنز اڪثر عام دوائن خلاف مزاحمت رکندا آهن، يعني انهن کي روائتي دوائن سان ڪنٽرول ناهي ڪيو ويندو پر اينٽي بايوٽڪ استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جيڪا پڻ ڳڻتي جوڳي آهي ڇاڪاڻ ته اهي بيڪٽريا چمڙي جي مسئلن، پيٽ ۽ ساهه جي انفيڪشن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جيڪي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. تحقيق م??ن اها پڻ خبر پئي آهي ته فون کي خاص اينٽي بيڪٽريل ڪپڙن يا اينٽي بيڪٽريل وائيپس يا الڪوهل سان صاف ڪرڻ بعد اهي جراثيم ٻيهر ان جي سطح تي اچي سگهن ٿا، جنهن جو مطلب آهي ته اسان کي ف??ن جي باقائدگي سان صفائي ڪرڻ گهرجي.
موبائيل فون کي خطرناڪ جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ان جي روزاني صفائي ضروري آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال